انقلاب ايران

انقلاب ايران (ناول ): محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو لکيل هن ناول جو پهريون ڇاپو 1980ع ۾ اسلاميه پرنٽنگ پريس حيدرآباد مان ڇپيو. ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب ۾ حضرت آيت الله روح الله خمينيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ ايران ۾ آندل انقلاب جو ذڪر آهي. پاڪستان رائيٽرز گلڊ طرفان هن ناول کي سال 1980ع جي بهترين سنڌي ناول جو اعزاز ڏنو ويو. هي ناول ڏيپلائي صاحب جو لکيل آخري ڪتاب آهي. قيمت پنج رپيا اٿس.


لفظ انقلاب ايرانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو